سنڌي ناٽڪ جي ارتقا

سنڌي ناٽڪ جي ارتقا

سنڌي ناٽڪ جي ارتقا

سنڌي ناٽڪ جي ارتقا (ڪتاب): هي ڪتاب پروفيسر سنڌيا چندر ڪندناڻيءَ جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن ناٽڪ جي وصف، قسم ۽ روپ، ڀٽن، چارڻن جي قصن ڪهاڻين، سانگن ۽ ڪٺ پتلين جي ناٽڪن، لوڪ ناٽڪن، ڀڳت، راس ليلائن، رام ليلائن، گھٽين جي ناٽڪن، هڪ فصلن ناٽڪن، تجرباتي ائبسرڊ ناٽڪن، ٻال ناٽڪن، ڇايا ناٽڪن، سنگيت ناٽڪن کان وٺي اميچوئر ناٽڪ، پروفيشنل ناٽڪ، مني ناٽڪ، اشتهاري ناٽڪ، ريڊيو ناٽڪ، وڊيو ناٽڪ ۽ فلم بابت تفصيلي ڄاڻ ڏنل آهي. ان کانسواءِ ناٽڪ جي سفر اسڪرپٽ کان ڏسندڙن تائين، ناٽڪ جي فن، سنڌي ناٽڪ جي اوسر، سنڌي ناٽڪ جي دورن، ورهاڱي کانپوءِ جي ناٽڪ منڊلين، سلور جوبلي، گولڊن جوبلي، ايڪانڪي ناٽڪن جي مجموعن، وڏن ناٽڪن جي مجموعن کان وٺي هاڻو ڪي سنڌي ناٽڪ ۽ رنگ منچ جو مختصر ذڪر ڪيو ويو آهي.
ڊيمي سائيز جي 92 (سنڌي عربي لپي) ۽ 101 (ديوناگري سنڌي لپيءَ) جي صفحن تي مشتمل ڪتاب، حيدرآباد (سنڌ) نيشنل ڪاليجيئيٽ بورڊ ممبئيءَ پاران 25 ڊسمبر 2010ع تي ڇپائي پڌرو ڪيو ويو ۽ ان جي قيمت سوا ٻه سؤ روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو